حيات محمد صلي الله عليه وسلم

حيات محمد صلي الله عليه وسلم

حيات محمد صلي الله عليه وسلم


حيات محمد صلي الله عليه وسلم (ڪتاب): مشهور مصري عالم محمد حسين هيڪل جو هيءُ ڪتاب، سنڌيءَ ۾ محمد انس راڄپر ترجمو ڪيو آهي. هي رسول پاڪ صه جي سيرت تي عالمي شهرت رکندڙ ڪتاب آهي. عام طور تي سيرت النبيصه جا اڪثر ڪتاب ’سيرت ابن هشام‘ جي تتبع تي لکيا ويا آهن، پر هن نامور عرب ليکڪ محمد حسين هيڪل جو هي ڪتاب سيرت جي موضوع تي نرالي علمي ڪاوش آهي، جنهن ۾ انساني دنيا ۾ پيغمبر اسلام جي هڪ مصلح/ سڌارڪ وارو ڪردار چِٽو بيان ڪيو ويو آهي. پيغمبر اسلام جي ان حيثيت تي يورپ جا مستشرق جن غلطين ۽ غلط فهمين جو شڪار ٿيا آهن، تن جي ڇنڊ ڇاڻ تحقيقي انداز ۾ ڪئي وئي آهي.
ضميمي پهرئين ۾ قرآني نقطهء نظر کان اسلام جو تمدن ۽ ضميمي ٻئي ۾ اسلامي تمدن ۽ مغربي محقق ڏنا ويا آهن. ڊيمي سائيز, 765 صفحن تي مشتمل هيءَ ڪتاب، سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڪراچي 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


لفظ حيات محمد صلي الله عليه وسلمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو